ٻيجل سنڌي

ٻيجل سنڌي

ٻيجل سنڌي

ٻيجل سنڌي: نامياري راڳي ٻيجل سنڌيءَ جو اصل نالو صوفي خالد محمود ولد صوفي عثمان علي خاصخيلي آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1963ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو ، . سندن اصل ڳوٺ ڪوٽ مير جان محمد ( روشن آباد) تعلقو ڊگهڙي ضلعو ميرپورخاص آهي. ٻيجل سنڌي پرائمري جي تعليم ٽنڊي محمد خان جي ڀٽي محلي اسڪول مان، مئٽرڪ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان، ۽ انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪئي. سندس والد روينيو کاتي ۾ ملازم هو، ان جي باوجود ٻيجل سنڌي ٻالڪپڻ کان چڻا کپائي، ٻارن جون شيون وڪرو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ننڍڙن ڀائرن جي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪندو هو. کيس ننڍي هوندي کان علمي، ادبي سرگرمين سميت راڳ جي شعبي سان دلچسپي هئي. جنهن منجهس سياسي شعور کي پڻ اُڀاريو ۽ سنڌ ۾ قومپرستيءَ واري سياست سان سلهاڙجي ويو. راڳ جي سکيا پڻ ورتائين. شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني، بلبل کورواهي، حليم باغي ۽ تاج جويي جي ڪيترن ڪلامن جون پاڻ ڌُنون ٺاهي ڳائيندو رهي ٿو، 1981ع ۾ سندس آواز کان متاثر ٿي سنڌ جي نامياري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر سندس نالو ’ٻيجل سنڌي‘ رکيو ويو ۽ کيس سائين جي. ايم سيد سان ملايو، هو جيئي سنڌ لطيف سنگت حيدرآباد ڊويزن جو پهريون ڊويزنل آرگنائيزر مقرر ٿيو. ٻيجل سنڌي 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ پيش آيل ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو نه رڳو اسير رهيو، پر مٿس سياسي سرگرمين جي ڪري بغاوت جي مقدمن سميت ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيا . جنهن سبب وڏو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين، روپوشيءَ جي انهيءَ عرصي دوران سندس والد جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ والد جو آخري ديدار نه ڪري سگهيو. سياسي جدوجهد دوران لڳ ڀڳ ٽي سال جيل ياترا به ڪيائين. ٻيجل سنڌي سياسي جدوجهد ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙيل رهيو. ان کان علاوه شگرملز ليبر يونين ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. سنڌ آبادگار شگر مل جي مزدور يونين جو صدر رهيو. موسيقيءَ جي حوالي سان سندس اڌ ڊزن کان مٿي وڊيو ڪيسيٽون، هڪ آڊيو ۽ هڪ وڊيو سي ڊي رليز ٿي چڪيون آهن. هن ٽنڊي محمد خان ۾ماروي آرٽ ميوزيڪل اڪيڊمي پڻ قائم ڪئي آهي.


لفظ ٻيجل سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.02.02  عيسوي

نامياري راڳي ٻيجل سنڌيءَ جو اصل نالو صوفي خالد محمود ولد صوفي عثمان علي خاصخيلي آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1963ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو .



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد خان استاد
حسين بخش خادم
استاد صادق علي خان
حيدر علي
شاهه لطيف جا موجوده راڳي
غلام علي سنديلو
استاد گلزار علي خان
ريشمان
راحت فتح علي خان
صوفي آزاد فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون